اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپي??ر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهدي??ار?? ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيف جسٽس جي طور تي مق??ري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف جسٽس آف پاڪستان مق??ر ڪيو ان جي مق??ري جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي مل??زمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.
متعلقہ مضامین
-
President Zardari to undertake China visit from today
-
Sindh pioneers energy efficiency with ECBC 2023
-
BNG Electronics: سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
ویا آن لائن انٹیگریٹی بیٹنگ ایپ: ایک قابل اعتماد اور محفوظ پلیٹ فارم
-
German ambassador calls on Imran
-
Labour Day to celebrated across globe on May 1
-
Army chief reviews operational readiness at Mangla
-
PTI workers including women detained outside Bani Gala
-
Entire nation proud of late flying officer Mukhtiar: CM
-
PM Nawaz in Switzerland to take part in World Economic Forum
-
PUBG موبائل ایپ ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
جی زیانگ لونگ ہو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی سروسز اور خصوصیات